بادشاهي مسجد

بادشاهي مسجد

بادشاهي مسجد

بادشاهي مسجد: بادشاهي مسجد، لاهور جي هڪ تاريخي ۽ خوبصورت مسجد آهي، جنهن جو شمار دنيا جي وڏين مسجدن ۾ ٿئي ٿو. هيءَ عاليشان مسجد شهنشاهه اورنگزيب جي هڪ امير، مير آتش فدائي خان جي نظرداريءَ هيٺ سن 1774ع ۾ جُڙي راس ٿي. مير آتش، شاهي توپ خاني جو داروغو هوندو هو ۽ ان نهايت دلچسپيءَ سان مسجد واري ڪم جي نگراني ڪئي هئي. بادشاهي مسجد جو آڳر 528 فوٽ ۽ 8 انچ ويڪرو آهي، جڏهن ته ڊيگھه 538 فوٽ ۽ چار انچ آهي. مسجد جي چئني ڪنڊن تي 143 فوٽ ڊگھا منارا ٺهيل آهن ۽ اها لاهور جي ”شاهي قلعي“ ڀرسان ٺهيل آهي، جنهنڪري دنيا جا سياح، شاهي قلعو ڏسڻ سان گڏ هن عظيم ۽ خوبصورت مسجد کي به ضرور ڏسڻ ايندا آهن. هن مسجد جي ڪشادگيءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته هن مسجد ۾ هڪ ئي وقت هڪ لک کان به مٿي نمازي آسانيءَ سان نماز پڙهي سگھن ٿا.
1840ع واري زلزلي ۾ مسجد جي منارن کي ڪافي نقصان پهتو هو. مسجد تي سنگ مرمر جا ٽي عاليشان گنبذ ٺهيل آهن. مسجد جو مکيه دروازو به نهايت خوبصورت ٺهيل آهي. مسجد ۾ پهچڻ لاءِ مکيه دروازي وٽ 22 ڏاڪا ٺهيل آهن. جڏهن اها مسجد ٺهرائي پئي وئي ته زمين جي سطح هموار نه هئي، ان ڪري اها 15 فوٽ مٿي اڏرائي وئي. دروازي جي مٿاهين منزل ۾ تبرڪات رکيل آهن. مسجد جو هي دروازو شاهي قلعي جي بلڪل سامهون آهي. شروع ۾ وضو سارڻ جو انتظام پڌر جي وچ ۾ هوندو هو. جيئن عام طور تي مغل طرز تعمير جي ٻين مسجدن ۾ هوندو هو. بهرحال، وضوءَ واري حوض ۾ پاڻي کوهه مان ڀري وجھندا هئا، ليڪن هاڻي وضوءَ جو انتظام اوڀر طرف وارن حجرن ۾ ڪيل آهي. موجوده وقت ۾ مسجد جي رونق ۾ اڃا به اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن پنجاب ۾ سکن جي حڪومت قائم هئي ته انهن هن خوبصورت ۽ تاريخي مسجد کي گهوڙن جي اصطبل ۽ بارودخاني ۾ بدلائي ڇڏيو هو. انگريزن جي دور ۾ هيءُ مسجد ٻيهر مسلمانن کي واپس ملي، ابتدا ۾ رڳو جمعي جي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت هئي.


لفظ بادشاهي مسجدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو