بادل ۽ برسات

بادل ۽ برسات (فلم ):سنڌ موويز جي پهرين پيشڪش هيءَ سنڌي فلم پيار ڪهاڻيءَ تي مبني هئي، جيڪا 7 فيبروري 1975ع تي رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار اي ڪيو پيرزادو، موسيقار غلام نبي- عبداللطيف ۽ فلمساز اي. ايم عباسي هو. فلم ۾ اداڪار طور وسيم، اي. آر بلوچ، قادو شيدي، ابو بلاول، چنگاري، شمس الدين، رحيم شورو، عشرت حسين، ملڪ انوکو، اسد قريشي ۽ عبدالحق ابڙو شامل هئا. هيءَ فلم ڪراچيءَ جي لائيٽ هائوس، خيام ۽ سنگيت سئنيمائن سان گڏ راحت سئنيما حيدرآباد ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري ويئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو