بارغ

بارغ: بارغ کيرٿر جي بلند چوٽين مان هڪ آهي. هي ميهڙ شهر جي اولهه طرف آهي. هيءَ مٿانهين چوٽي، سرسبز گهاٽن ڪهوءَ جي جهنگلن سان ڍڪيل آهي. ان کان سواءِ هت پيش گهڻي انداز ۾ پيدا ٿيندي آهي. هتي ڪيترا ٻيا وڻ به موجود آهن. هن جو مٿاڇرو هموار ۽ وسيع آهي، جنهن کي ڪنهن حد تائين پڪي جي زمينن سان ڀيٽي سگهجي ٿو. بارغ جي آسپاس رهندڙ ذاتين ۾ ساسولي، چانڊيا، شاهاڻي ۽ بوزدار آهن. هي سنڌي، بلوچي ۽ بروهڪي ٻولي ڳالهائيندڙ ذاتيون آهن. حڪومت جيڪڏهن هن هنڌ کي ٿورو ڌيان ڏئي، ته هي سنڌ جو بهترين تفريح گاهه بڻائي سگهجي ٿو.


لفظ بارغھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو