سر بارٽل فريئر

سر بارٽل فريئر

بارٽل فريئر

بارٽل فريئر: انگريز دؤر ۾ سنڌ جو مشھور ڪمشنر ،سر بارٽل فريئر 29 مارچ 1815ع تي ويلز جي ’برڪنڪشائر (Brecknockshire) شھر ۾ ڄائو. 1834ع ڌاري هيليبري ڪاليج مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ، انڊين سول سروس ۾ ملازمت جي شروعات ڪئي. مسٽر بارٽل فريئر انگريزن جي اوائلي دور جو هڪ عملدار هو. کيس 1851ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ان وقت فريئر صرف 35 سالن جو هو. فريئر جي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ معاشرتي، تجارتي ۽ تعليمي سرگرمين ۾ انقلاب برپا ٿيو. سندس ئي وقت ۾ ڪراچيءَ ۾ پھريون انگلش ميڊيم اسڪول کوليو ويو. ڪراچيءَ کان ملتان تائين سنڌو درياهه جي رستي”بوٽ سروس“ شروع ڪئي وئي. ڪراچي بندرگاهه کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ان جي سروي ڪرائي وئي. هن ٽپال کاتي ۾ تمام گهڻيون تبديليون آنديون. فريئر جي دؤر ۾ ڪراچي شھر ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ ملير نديءَ ۾ نوان کوهه کوٽايا ويا ۽ 1859ع ۾ ڪياماڙيءَ کان ڪينٽ تائين ريلوي لائين وڇائي وئي. هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي (عربي-سنڌي رسم الخط) مقرر ڪرائڻ ۽ 1857ع ۾ هڪ فرمان ذريعي سنڌي بوليءَ کي سرڪاري ۽ دفتري زبان جو درجو ڏيارڻ آهي. کيس سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان ڏاڍي محبت هئي. هن سنڌ ۾ تعليم جي ڦھلاءُ لاءِ ڪيترائي اسڪول قائم ڪرايا. 1854ع ۾ استادن جي تربيت توڙي سکيا لاءِ پڻ ڪراچيءَ ۾ هڪ اسڪول کولرايو. سندس ايامڪاريءَ ۾ سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۾ ورنيڪيولر ۽ شھرن ۾ اينگلو ورنيڪيولر اسڪولن جو قيام عمل ۾ آيو. انگريزن جي شروعاتي دؤر ۾ تعليم کاتي جو پنھنجو ڇاپخانو موجود نه هو، جنھن ڪري ڪتاب بمبئي ۽ ٻين پريسن مان شايع ٿيندا هئا. 1858ع ۾ سندس ڪوششن سان تعليم کاتي هڪ ليٿو مشين ورتي، جنھن جي ذريعي ان وقت ڪيترائي سنڌي ڪتاب شايع ٿيا. سربارٽل فريئر کان اڳ”سنڌ“ جي نالي کي مختلف انگريزي صورتخطيءَ ۾ لکيو ويندو هو، ڪي سنڌ کي ’Scinde‘ ته ڪي وري ’Sinde‘ لکندا هئا ۽ ڪي وري ’Scind‘ لکندا هئا. هن سرڪاري سطح تي سنڌ جي انگريزي صورت ’Sind‘ مقرر ڪري منظور ڪرائي. فريئر آڪٽوبر 1859ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو، جتان کيس ترقي ڏيئي بمبئيءَ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. جڏهن هي بمبئي جو گورنر مقرر ٿيو تڏهن سنڌ جي شاگردن لاءِ ميٽرڪ ۽ بعد ۾ بي. اي جي تعليم بمبئي مان حاصل ڪرڻ جو بندوبست ڪيو، جنھن کانپوءِ ڪيترائي سنڌ جا شاگرد سرڪاري خرچ تي بمبئي ۾ امتحان ڏئي ايندا هئا. ڪجهه وقت هيءُ ڏکڻ آفريقا ۾ به رهيو. هن 29 مئي 1884ع تي ومبلڊن شھر (لنڊن) ۾ وفات ڪئي.سندس نالي پٺيان ڪراچيءَ ۾”فريئرهال“ ۽ ”فريئر روڊ“ مشھور آهن.


لفظ بارٽل فريئرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1815.03.29  عيسوي

انگريز دؤر ۾ سنڌ جو مشهور ڪمشنر، سر بارٽل فريئر 29 مارچ 1815ع تي ويلز جي ’برڪنڪشائر (Brecknockshire)‘ شهر ۾ ڄائو .


1884.05.29  عيسوي

سر بارٽل فريئر 29 مئي 1884ع تي”سري“ جي”ومبلڊن“ شهر ۾ وفات ڪئي.سندس نالي پٺيان ڪراچيءَ ۾ ”فريئرهال“ ۽” فريئر روڊ“ مشهور آهن.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جارج شرٽ
گرو تيغ سنگهه بهادر
ڪامران ڀٽي
شيخ خضر سيوستاني
خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر
بيگم شائسته اڪرام الله
جان ميڪسويل ڪوئٽزي
ڀيو ڪوڙا خان
پرسرام پارو مل
امداد علي اوڍو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون