باز

باز

باز جي ويجهو کان تصوير

باز جي ويجهو کان تصوير

باز شڪار تي حملو ڪندي

باز شڪار تي حملو ڪندي

باز جو هڪ شوقين

باز جو هڪ شوقين

باز

باز: هڪ قسم جو شڪاري پکي، جيڪو پکين جو بادشاهه ليکيو وڃي ٿو. سِرڻ ۽ عقاب وغيره جي نسل سان لاڳاپيل آهي. نھايت تيز اُڏامندو آهي. هِن جا پر وڏا ۽ زور ڀريا ٿين ٿا، جنھنڪري ڪڏهن ڪڏهن تمام مٿي اڏامي، ٽِڪ ٻَڌي بيھي رهندو آهي. هن جا چنبا تکا ۽ چھنب مُڙيل ٿيندي آهي. هيءُ پرديسي پکي آهي، جيڪو پاڪستان جي اتر وارن جبلن مان اچي ٿو. چترال، سوات، هندوڪش ۽ قراقرم جبلن مان باز اونهاري گذرڻ بعد سيپٽمبر ڌاري سياري ۾ شڪار سانگي سنڌ ۾ ايندو آهي. سنڌ ۾ گهڻو ڪري ڪوهستان، ٿر ۽ لاڙ جي علائقن ۾ رهندو آهي، مند ختم ٿيڻ تي پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽي ويندو آهي، جتي هن کي شڪار ملي ويندو آهي. هن جو شمار اڻ لڀ پکين ۾ ٿئي ٿو. قد بُت ۽ شڪل شبيھه ۾ سرڻ جھڙو ٿئي. هيءَ ڪانگ، ڪٻر، جهرڪي، ڳيري، تتر، تلور، پاريھر، ڪبوتر، هرڻن، ننڍن ڇيلن، گهيٽن، سَھَن ۽ ڍانڍي پکين جو شڪار گهڻي انداز ۾ ڪندو آهي. باز، بنيادي طرح هڪ خاص جنس جو نالو آهي، پر سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان هن پکيءَ جي مختلف جنسن لاءِ ”اسم جنس“ طور استعمال ٿيو. ’باز‘ اصل ۾ ماديءَ جو نالو آهي، جنھن جو نر ”ذُرو“ (جده) ٿيندو آهي، پر سنڌ ۾ باز کي نر جي مفھوم ۾ ئي ڪم آندو ويندو آهي. ضلعي دادوءَ جي تعلقي جوهي ۾ گهڻا ماڻهو هن پکيءَ کي هاسيڪار ۽ گهڻي ناڻي تي هَٿ ڪري، پالين ۽ پوءِ اُن جي هٿان ننڍن پکين جو شڪار ڪرائي خوش ٿا ٿين. هن پکيءَ جو گوشت نه کائبو آهي. اُن کي فقط شوق خاطر پالبو آهي. باز جي مختلف قسمن ۾ ڪن جا کنڀ ننڍا ته ڪن جا وڏا ٿين. هن جي نظر تکي ٿيندي آهي. سنڌ ۾ عُموماً سياري جي مند ۾ پکين جو شڪار ڪَرڻ ايندو آهي. بازن جا ٻه وڏا قسم آهن: گلاب چشم ۽ سياهه چشم. گلاب چشم يعني ڳاڙهين اکين واريون ٽي جنسون نر ۽ مادي هن طرح ٿين. (1) باز (مادي)، زُرو (نر)، (2) باشو (مادي)، بشين (نر)، (3) شڪرو (مادي)، چپڪ (نر). جڏهن ته سياه چشم يعني ڪارين اکين وارن ۾ پنج جنسون ٿين (1) چرخ (مادي)، چرغيلو (نر)، (2) لغڙ (مادي)، جهڳڙ (نر)، (3) بحري (مادي)، بحري ٻچو (نر)، (4) شاهين (مادي)، شھنجو، ڪوهيلو (نر)، (5) تُرمڇي، يا چُرمچي (مادي)، چٽوئو (نر). سنڌ ۾ باز جي قسمن ۾ سينچاڻو ۽ ملهالو به شامل آهن. چَرغيلي جو پيٽ ۽ پٺي ڪاري ٿيندي آهي، هن جو رنگ اڇو ٿيندو آهي ۽ بت تي ڪارا ٽڪا ٿيندا آهن. هن جو مٿو پوئين پاسي ڪارو ٿئي. هن پکيءَ جي چھنب ٿلهي، نوڪدار ۽ وريل ٿيندي آهي. هن جي ماديءَ کي ”چرغ / چرخ“ چئبو آهي، جنھن جون اکيون ڪاريون هونديون آهن. هن باز سان تلور ۽ هرڻ جو شڪار ڪبو آهي، ڪڏهن ڪڏهن هلن (سرڻين) تي به ڇڏبو آهي. هي پکي جابلو علائقي جي ڪچي ۾ ٿيندو آهي. باز بابت مشھور انگريز ليکڪ رچرڊ برٽن انگريزي ٻولي ۾ سنڌ ۾ بازن بابت هڪ ڪتاب: Falconry in the valley of Sindh سال 1851ع ۾ لکيو هو، جيڪو لنڊن مان شايع ٿيو هو. ترمچي باز کي چٽوو يا چيٽوو به سڏين. 33 سينٽي ميٽر قد واري هن باز جي منڍي ناسي، ڳچي ۽ ڳل سفيد ۽ پٺيءَ جو رنگ نيرو سرمائي ٿئي ٿو. ان جي پيٽ ۽ پڇ تي اڇيون ڪاريون ۽ سرمائي ليڪون هونديون آهن. گهاٽي وڻڪار بدران گهٽ وڻڪار وارن پاسن کي پسند ڪندو آهي. طبعيت ۾ چيڙاڪ ۽ بھادر شڪاري پکي آهي. پنھنجن نوڪدار پرن جي مدد سان تيز ۽ گهٽ پرواز ڪندو آهي، ننڍا پکي شڪار ڪندو آهي ۽ اڪثر جوڙي ۾ رهندو آهي.


لفظ بازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو