باس

باسَ: سُکا. نذر. مذهبي اصطلاح ۾ اها شيءِ، جيڪا خدا تعاليٰ، ڪنهن درويش يا بزرگ پير فقير جي مڃتا ۾ باسيل هجي، انهيءَ اميد سان ته جي مراد پوري ٿئي ته هيءَ خيرات ڪبي، ڪا ڪُني ڪبي. خوشي ڪبي يا ڪو صدقو ڪڍبو. اڪثر اهو عقيدو عام آهي ته باس باسيل هوندي ته ان جي پوري ٿيڻ تي ضرور ڏجي، نه ته چوندا آهن ته باس نه ڏيڻ سان نقصان ٿيندو. تنهنڪري عام ماڻهو ڪنهن درگاهه يا مرشد جي مزار تي وڃي پڙ چاڙهين، لنگر رڌي فقيرن کي کارائين ۽ اهي سڀ رسمون ڳائي وڄائي ادا ڪيون وينديون آهن. هندو اهڙي رسم يا عقيدي کي منت يا منٿ ڇون.


لفظ باسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو