بافتو

بافتو: هڪ قسم جو سوٽي ڪپڙو، جيڪو اڻ رڱيل اڇي سُٽ مان ٺهندو آهي. اڳ ۾ ڪپڙي جو بر عام طرح هڪ وال يا گز (ٽي فوٽ) هوندو هو، پر هاڻي ڏهائي نظام موجب هڪ ميٽر رکيو ويندو آهي. بافتي جو اوڄو ٻن قسمن جو رکندا آهن. هڪڙو سنهيءَ تند وارو، جنهن مان اوڄي کان پوءِ ڪپڙي جو رنگ ميرانجهڙو ٿيندو آهي، جيڪو ڌوپڻ کان پوءِ ڦول جهڙو اڇو ٿي پوندو آهي. اڻ ڌوتل ڪپڙي کي ڪورو بافتو چوندا آهن.
سوڙين ۽ پٿراڻين جون ڇُهون بافتي مان ٺاهيندا آهن. ٻيو ته انهيءَ ڪپڙي کي رڱي ٻين گهڻن ڪمن ۾ آڻيندا آهن. ٻيو ٿلهيءَ تند واري بافتي جو اوڄو گهاٽو ٿئي ۽ ڪپڙو به مضبوط ٿئي ٿو. انهيءَ ڪپڙي مان پائڻ جا وڳا، پوش، چادرون ۽ پردا وغيره ٺهندا آهن. قديم دور کان سنڌ جو سوٽي ڪپڙو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور رهيو آهي. ٻاهريان واپاري ۽ سوداگر به پنهنجي وکرن ۾ سنڌي ڪپڙي جي خريداريءَ کي پسند ڪندا هئا، خاص ڪري سوٽي ڪپڙو ۽ اُن جون ٻيون جنسون. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ به يورپي واپارين طرفان سنڌ جو ٺهيل سوٽي ڪپڙو خريد ڪيو ويندو هو. اڄ به سنڌ جي سوٽي ڪپڙي کي ساڳيءَ طرح ٻاهرين دنيا ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو. بافتو، سنڌ جي سوٽي ڪپڙي جي خاص ۽ اهم جنس آهي، جنهن کي واپاري ٻوليءَ ۾ ’ڪورو لٺو‘ چيو ويندو آهي.


لفظ بافتوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو