بانداهو

بانداهو: مير حسين بخش خان ٽالپر، ويٺل ڪوٽ ميرمحمد خان، ضلعي خيرپور جي راويت مطابق بانداهو خيرپور جي حدن ۾ درياءُ جو ننڍو ڦاٽ هوندو هو، جيڪو رازق ڏني اُڍي جي ڳوٺ وٽان نڪرندو هو ۽ ڄامڙن، ڀُنگن، سِکن، ڪنڀرن ۽ شينهن جي کوهه وٽان ٿيندو، وڏيري ايوب مڱڻيجي جي ڳوٺ وٽان درياءُ ۾ پوندو هو. اُن جي ڊيگهه ڏهه ميل هئي.


لفظ بانداهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو