باوِلي

باوِلي: هڪ قسم جو کُوهه، جنهن ۾ هيٺ لهڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺهيل هجي. سنڌ ۾ ڪن هنڌن تي باوليون ٺهيل هيون، جيڪي هن وقت سم جي ڪري تباهه ٿي ويون آهن. موجوده وقت ۾ نموني طور هڪڙي باوِلي اڃا تائين قائم آهي. ٿي سگهي ٿو ته ٻين هنڌن تي به صحيح سلامت هجن، پر ننگر ٺٽي ۾ مڪلي ٽڪريءَ تي سيد ابراهيم شاهه سجاوليءَ جي ٺهرايل باوِلي ۽ بنگلو اڃا سلامت آهن. باوِليءَ ۾ ويڪري مُنهن وارو کوهه يا واٽ به ٿئي. کوهه جي تري تائين وڃڻ لاءِ پاسي کان گولائيءَ ۾ ڏاڪڻ ٺهيل هوندي آهي، جنهن تان لهي پاڻيءَ تائين پهچبو آهي. باوِليءَ مان ڀُوڻ ذريعي يا رسي سان پاڻي ڪونه ڀربو، پر هيٺ لهي وڃي پاڻي ڀربو آهي.


لفظ باوِليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو