باک

باکَ: هيءُ لفظ فجر جي مهل لاءِ ڪم ايندو آهي، جو ان مهل سج جا ڪرڻا اُهاءُ ڏيندا آهن ۽ ڪرڻن جو سهائو ٿيندو آهي. انهيءَ مهل کي ’باک‘ انهيءَ ڪري چوندا آهن، جو ’باک‘ جي معنيٰ آهي پرهه، اهڃاڻ، سج اُڀرڻ جو اُهاءُ، يعني اُهو اُهاءُ، سج اُڀرڻ جو اڳواٽ ڄڻ ته اطلاع آهي يا اهڃاڻ آهي.
ڦُٽي باک، ڦاڪون ٿي ڦولار ۾(تاجل بيوس)
عموماً اصطلاح آهي ’باک ڦُٽڻ‘، معني‘ ڏينهن جي روشنيءَ جو ڦوٽهڙو، صبح صادق جو اُهاءُ، سج جي ڪرڻن جي پکيڙ وغيره. ان مهل کي ”پرهه ڦٽيءَ“ به چوندا آهن.


لفظ باکھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو