ببو

ببو (فلمي اداڪار): برصغير جي نامور فلمي اداڪاره ببوءَ جو اصل نالو ’عشرت سلطانه‘ ۽ فلمي نالو ’ببو‘ هو. سندس تعلق دهليءَ جي اعليٰ گهراڻي سان هو. هن دهلي مان معمولي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي عملي زندگي جو آغاز انڊين فلم انڊسٽري کان ڪيو. هيروئن جي حيثيت سان سندس پهرين فلم ’عالم آرا‘ هئي، جيڪا 1931ع ۾ رليز ٿي. ان فلم جي ڪاميابيءَ کانپوءِ هن ’من موهن‘ ۽ ٻين ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو. فلم ’اڪيلا‘ ۾ هن هيروئن جي حيثيت سان تمام گهڻي مقبوليت ماڻي، اها فلم 1940ع ۾ رليز ٿي. ان فلم کيس مشهوريءَ جي بلندين تي پهچايو. ان کانپوءِ هي ’سرڪو فلم ڪمپني‘ ۾ شامل ٿي وئي، جتان هن جي پهرين فلم ’لڪشمي‘ رليز ٿي. هن جي آخري فلم ’زينت‘ هئي. هي ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان اچي رهي، جتي هن پنجن کان ڏهن سالن تائين پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جي فلمن ۾ معمولي ڪردار ادا ڪيا، ان بعد وفات ڪري وئي. هن جي مشهور ڀارتي فلمن ۾ ’رنگيلا راجپوت‘، ’پرستان‘، ’پيار ڪي مار‘، ’شان خدا‘، ’ڪومل‘، ’ڀولي ڀالي‘، ’ليڊيز اونلي‘، ’جاگيردار‘، ’ساڌن‘، ’گرامو فون سنگر‘، ’وطن‘، ’اڪيلا’، ‘سهاگ‘، ‘سنهري بندن‘، ’لڪشمي‘، ’من موهن‘، ’پوسٽ مين‘ ۽
’خود غرض‘ هيون. جڏهن ته پاڪستاني فلمن ۾ ’شرارتي‘، ’قاتل‘، ’سسي‘، ‘سوله آني‘، ’زهر عشق‘، ’اڪيلي‘، ’گهونگهٽ‘، ’سلميٰ‘، ’ڀروسه‘، ’غالب‘، ’ڇوٽي بهن‘، ’ارمان‘، ’بڙي نواب‘ ۽ سنڌي فلم ’عُمر مارئي‘ وغيره شامل آهن.
بچل شاهه بخاريءَ جي درگاهه: هيءَ درگاهه تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ سيٺي ڪئنال جي ڪنڌيءَ سان ڪوٽلي شهر ويجهو واقع آهي. بچل شاهه بخاري اهل الله بزرگ ٿي گذريو آهي. مقامي ماڻهن وٽ بزرگ بابت ڪنهن به قسم جي مستند معلومات ناهي، تڏهن به ڪيترائي عقيدتمند درگاهه تي حاضري ڀريندا رهن ٿا. درگاهه جو مقبرو آڳاٽي تعمير معلوم ٿئي ٿو. آسپاس آبادي اٿس. درگاهه جي اڱڻ کي چوڌاري ڪچي سرن جي ڀت ڏنل آهي، جنهن کي گاري جو ليپو ڏنو ويو آهي.
هي مقبرو پڪسرائون آهي، جنهن تي سفيد چوني جو پلستر ڪيل آهي. پيڙهه ۾ پٿر استعمال ڪيل اٿس. مهاڙيءَ ۾ ونگائين لنگهه ۾ ڪاٺ جو دروازو اٿس، جنهن تي چٽو نيرو رنگ ڪيل آهي. ونگ جي مٿان ٻه وڌيڪ ڪالم ڪڍي دروازي تي جنسار ڪيو ويو آهي. وچ تي ٻنهي پاسن کان پانيل اٿس، جيڪي مٿي ڇت وٽ مقبري تي تاج ٺاهين ٿا. ٻنهي پاسن کان ونگائين درين جا نمائشي ڪالم ۽ انهن جي مٿان روشندانن جا ڪالم ٺهيل آهن. عمارت جي ٻنهي ڪنڊن تي پيڙهه کان ٿنڀ ڏنل آهن. ٻنهي ڪنڊن تي ڇت کان ننڍا ٿنڀ آهن، جيڪي مٿي نڪري مينار ٺاهين ٿا، انهن تي گنبذ نما سفيد نيلون آهن. وچ واري تاج تي پڻ نيل لاءِ شيخ نصب ٿيل آهي. پر نيل ٽٽي ويل ڀاسجي ٿي. تاج تي ٻنهي پاسن کان ننڍڙيون بٺيءَ نما ٿنڀڙيون آهن، جيڪي تاج جو زيب وڌائين ٿيون. ڇت تي وڏو گول گنبذ رکيل آهي، جنهن تي ابتي ڪوڻيءَ جي گل مٿان سائي رنگ جي نيل هنيل آهي. گنبذ تي پڻ چوني جو سفيد رنگ ڪيل آهي. مقبري جي سنڀال مقامي ماڻهو ڪن ٿا. پيڙهه وٽان ڪلر سبب ڀتيون کاڄي ويون اٿس. مقبري ٻيڙپني تي بٺيءَ جي نموني جون دڪيون آهن. اندرئين طرف کان چئن جو جنسار ڪيل آهي. درگاهه تي عقيدتمند حاضري ڀريندا رهن ٿا.


لفظ ببوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو