ڪرينا ۽ ڪرشما پنهنجي ماءُ ببيتا سان گڏ

ڪرينا ۽ ڪرشما پنهنجي ماءُ ببيتا سان گڏ

ببيتا

ببيتا (اداڪاره): بالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪاره ۽ ڪپور خاندان جي وڏي ننهن ببيتا ڀنڀاڻي جو جنم 20 اپريل 1948ع تي ممبئي ۾ ٿيو. سندس گهراڻي جو تعلق سنڌ سان هو، جيڪي ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ وڃي آباد ٿيا. سندس پيءُ هري شوداساڻي پڻ هندستاني فلمن ۾ بطور اداڪار تمام گهڻي شهرت ۽ ڪاميابي ماڻي. ببيتا، پنهنجي تعليم ممبئي (هندستان) مان حاصل ڪئي، جنهن بعد هري شِوداساڻي کيس فلمن ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ان وقت جي مشهور ۽ تجربيڪار پروڊيوسر جي. پي. سپي (G.P.Sippy) سان گڏ هڪ اسڪرين ٽيسٽ جو انعقاد ڪيو. ان ٽيسٽ ۾ ببيتا کي بهترين اداڪاري ڪرڻ سبب چونڊيو ويو. هن جي پهرين فلم ’دس لاک‘ هئي، جيڪا 1966ع ۾ رليز ٿي. سندس پهرين فلم جي ڪاميابي کانپوءِ هڪ ٻئي پٺيان فلمن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو، جن ۾: ’راز‘ (1967ع)، ’فرض‘ (1967ع)، ’قسمت‘ (1968ع)، ’حسينه مان جائيگي‘ (1968ع)، ’اولاد‘ (1968ع)، ’تم سي اڇا ڪون هي‘ (1969ع)، ’ايڪ شريمان ايڪ شريمتي‘ (1969ع)، ’ڊولي‘ (1969ع)، ’انمول موتي‘ (1969ع)، ’انجانا‘ (1969ع)، ’ڪب؟ ڪيون؟ ڪهان؟‘ (1970ع)، ’پهچان‘ (1970ع)، ’ڪل آج اور ڪل‘ (1971ع)، ’بکري موتي‘ (1971ع) ۽ ’بنڀول‘ (1971ع) فلمون شامل آهن.
6 نومبر 1971ع تي هن جي شادي هندستاني فلم انڊسٽري تي راڄ ڪندڙ پرٿوي راج ڪپور گهراڻي جي چراغ رنڌير ڪپور سان ٿي، جنهن مان کيس ٻن نياڻين ڪرشما ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور جو اولاد ٿيو. رنڌير ڪپور سان شادي بعد سندس ٽي فلمون ’جيت‘ (1972ع)، ’ايڪ حسينه دو ديواني‘ (1972ع) ۽ ’سوني ڪي هاتهه‘ (1973ع) رليز ٿيون، جنهن بعد هن ڪپور خاندان جي روايت مطابق فلمي دنيا کي هميشه لاءِ خيرباد ڪري ڇڏيو. ڪرشمه ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور جي پيدائش بعد ٻنهي زال مڙس جي وچ ۾ ڪجهه عرصي تائين شديد گهريلو اختلافات رهيا، جنهن سبب ببيتا پنهنجي ٻنهي نياڻين سميت عليحدگي اختيار ڪئي. 20 سالن جي طويل عرصي بعد 2007ع ڌاري، ببيتا سمورا ويڇا وساري ٻيهر پنهنجي گهرواري رنڌير ڪپور سان هڪ ٿي بهترين ۽ خوشحال زندگي گذاري رهي آهي.


لفظ ببيتاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.04.20  عيسوي

بالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪاره ۽ ڪپور خاندان جي وڏي ننهن ببيتا ڀنڀاڻي جو جنم 20 اپريل 1948ع تي ممبئي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گل محمد گاد
صالح بيگ مرزا ترخان ثاني
ڏاهري الله ڏنو
پرويز هودڀائي
آذر زوبي
عطا محمد ڀنڀرو
رام گيانچنداڻي
راجا رفيق پنهور
عبدالواحد هاليپوٽو
درٻيلوي شيخ حميد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون