بتيلو

بتيلو

منڇر ڍنڍ ۾ هڪ بتيلو

منڇر ڍنڍ ۾ هڪ بتيلو

بتيلو

بَـتيلو: ٻيڙيءَ جو هڪ قسم. ننڍي ٻيڙي، جنهن ۾ پنج ست ماڻهو ويهي سگهن. بَتيلو 8 کان 12 فٽ ڊگهو ٿئي، جنهن جي اڳيان چُهنب، وچ ويڪرو ۽ ڇَيڙو 3 / 4 فوٽ ويڪرو ٿئي ٿو. اِن ٻيڙيءَ جي اڳين ۽ پُٺين پاسن تي، مٿان ڪاٺ سان ٻَڌل تخت ٿين ۽ وچ وارو باقي حصو خالي رهي ٿو. اڳئين تخت کي ”آڳل“ يا ”آڳيل“، پوئين تخت کي ”پاڇل“ ۽ وچ واري خالي جاءِ کي ”لَڪ“ سڏين ٿا. خالي لَڪ جي مٿان آڳل واري پاسي هڪ ٿلهي چورس گهڙيل ڪاٺي ٿئي، جنهن کي ميربحر ”اَڏو“ چون. اڏي جي مٿان، ٻنهي طرفن ڪاٺ جا ٻه وڏا ۽ ٿلها ٽُڪر ٿين، جن کي ”گُٽڪا“ چئبو آهي، جن سان چَپا يا هاليسا (بَتيلي کي هلائڻ واريون شيون) ٻڌي، ٻيڙي هلائبي آهي. هن قسم جا بتيلا عام طرح مڇي ۽ پَلي مارڻ جي ڪم اچن ٿا. ڪن بتيلن تي سِڙَهه به رکن ۽ هوا هئڻ جي صورت ۾ هاليسن يا چپن سان ٻيڙي ڇِڪڻ بدران سِڙَهه کڻي، منزل ڏانهن ڪَهندا آهن.


لفظ بتيلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو