بجري

بُجري: ٻاڪري مال جو هڪ نسل آهي. هن ٻڪريءَ جو نسل حيدرآباد، بدين ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ ملي ٿو. هن نسل جي جانورن جو رنگ سفيد، جسم تي وار گهاٽا، مٿو وچولو ۽ سڱ ننڍا ٿيندا آهن. ڪن وچولا ۽ هيٺ لڙيل هوندا آهن. هي نسل ساليانو هڪ ڪلو گرام في جانور ڏاس (وارن) جي پيداوار ڏئي ٿو. هن نسل جي پالڻ جو مقصد گوشت، کل ۽ وار ئي آهن.


لفظ بجريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو