بجير

بجير (ذات): سنڌ، خاص ڪري ٿر ۾ رهندڙ هڪ ذات. اصل ۾ بجير سماٽ مان نڪتل مختلف ذاتين جي ماڻهن جي گڏيل برادري آهي. جيڪي ’بجير‘ نالي سان هڪ ذات سڏجن ٿا. سماٽ ذاتين ۾ ڏاڏي جي نالي يا ٻئي ڪنھن حوالي سان لاتعداد ذاتيون آھن، بجير به انهن جو حصو آهن. بجيرن جي نکن جي نالن: نھڙيا، دل، لنجا، ڀٽي، نوتيار، ٻگهيا وغيره مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي سماٽ ذاتين مان الڳ ٿي بجير سڏائڻ لڳا. بجير سڏائيندڙ پھريون شخص آچار، ذات جو سميجو هو. پنھنجي ذات کان ٻاهر شادي ڪرڻ ڪري وڏي ڀاءَ هيسب/عيسب جي ڪاوڙ سبب کيس برادريءَ مان نيڪالي ڏني وئي. آچار پاڻ کي ’بجير‘ سڏايو. آچار جي اولاد ’آچاريه بجيرن‘ جا ٿر ۾ ڪافي وڏا ڳوٺ آهن. انھن جي رشتيداري صرف پنھنجي نک ’آچاريا بجيرن‘ يا چند پراڻين نکن رانوئا، راٺوڙ، دل، نوتيار، گنڀير وغيره سان آهي. آچار جو اولاد آچاريا بجير ۽ ائين باقي نکن وارا پنھنجي پراڻي قبيلي يا ذات جي نالي سان آباد آهن. اهڙي طرح مختلف برادرين مان سماجي سببن يا اسلام قبول ڪري الڳ ٿيندڙن کي ’بجير‘ سڏيو ويو. سماٽ جي مختلف ذاتين مان الڳ ٿيل سمورا گهراڻا اڳتي هلي ’بجير‘ جي نالي سان مشھور ٿيا. ڄاڻايل نکن کانسواءِ به بجيرن جون ڪافي نکون آهن . جڏهن ته هندن ۾ به بجير ذات آهي، جيڪي ٿر ۾ راجپوت ٺڪرن جي حاڪميت واري دؤر کان انهن جي فوجي لشڪر ۾ شامل ۽ خاص خدمتگار رهيا آهن. ٺڪرن جي امير گهراڻن ۾ اڄ به اهو رواج آهي ته ڌيءُ پرڻائڻ وقت کيس بجيرن مان ڇوڪرو يا ڇوڪريءَ خدمت لاءِ گڏ ڏيندا آهن. بجير ذات جا ماڻهو ضلعي ٿرپارڪر، بدين، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ڪراچيءَ جي ملير واري علائقي ۾ آباد آهن. هندستان جي راجستان ۽ گجرات ۾ به بجيرن جا ڪافي ڳوٺ آهن. انهن مان ڪجهه 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين ۾ پاڪستان هجرت ڪري آيا، جن جي اڪثريت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي. انهن کي ’ڪڇي بجير‘ سڏيو وڃي ٿو. سنڌ جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ ٿرپارڪر ۾ هندو توڙي مسلمان بجير وڏي تعداد ۾ آباد آهن. ٿرپارڪر ۾ مسلمان بجيرن جا 40 کن وڏا ڳوٺ آهن، جن مان هر ڳوٺ 200 کان 1500 گهرن تي مشتمل آهي. بجير ذات وارا ٿر جي مسلم ذاتين ۾ اڪثريت جي لحاظ کان چوٿين نمبر تي آهن. ٿر جي سياست ۾ بجيرن جو چڱو اثر آهي. ايوب خان جي دؤر ۾ متعارف ڪرايل مڪاني ادارن واري نظام تحت مٺي ٽائون جو پھريون چيئرمئن رئيس آچار خان بجير هو. حاجي الھڏنو بجير تعلقي مٺي تي، حاجي جمعو خان بجير مٺي ٽائون ڪاميٽي تي ۽ حاجي الھورايو بجير ڏيپلي ٽائون تي چيئرمئن رهي چڪا آهن. هن وقت به ڪافي بجير ڪائونسلر، يونين چيئرمئن ۽ ضلعي ڪائونسل جا ميمبر چونڊيل آهن. ان کانسواءِ ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن نور محمد بجير ۽ سياسي اڳواڻ ميئن بجير به هن ذات مان آهن.


لفظ بجيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو