بحرالعشق - ڪتاب

بحرالعشق - ڪتاب

بحرالعشق

بحرالعشق (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب صوفي رکيل شاهه قادريءَ جو رسالو آهي. ڊيمي سائيز ۽ پڪي جلد واري هن ڪتاب ۾ 410 صفحا آهن ۽ قيمت 10 رپيا اٿس. هن رسالي جو پهريون ڇاپو، نٿو پٽ لوڪومل گرناڻيءَ، ڪرائون سائيز ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ صوفي رکيل شاهه قادريءَ جو ڪلام ڏنل آهي. رايل سائيز جي هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 172 صفحا آهن ۽ قيمت ڄاڻايل ناهي. ڇاپو پهريون، فقير پير بخش ابڙي، رهندڙ ڳوٺ طيب، تعلقي رتيديري، سال 1952ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڇاپو ٽيون، هرگنداس ولد ڪندن مل، ٽيڪنيڪل پريس، ڪراچيءَ مان سال 1968ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. جڏهن ته هن جو تازو ڇاپو روشني پبليڪيشن پاران 2005ع ۾ ڇپرايو ويو آهي. ان کان سواءِ هڪ ڇاپو جيڪب آباد جي فتح چند ڪنيا لعل ڪارڙا ڇپايو هو، جنهن کي ٿوريءَ ڦير گهير ۽ نئين ترتيب سان روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 2005ع ۾، خوبصورت ٽائيٽل سان، ڊيمي سائيز ۾ ڇپايو ويو آهي. هي رسالو 485 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو