برقعو

برقعو

برقعو

بُرقعو: زالن جي پردي ڪرڻ لاءِ هڪ خاص قسم جو سبيل پوش، جيڪو عام لباس جي مٿان پائجي ٿو، جنهن سان سڄو بدن ڍڪجي ويندو آهي. هونءَ ته سنڌ هڪ زرعي خطو آهي، جتي مرد ۽ عورتون ٻنين ۾ ڪم ڪن ۽ روايتي پردو ڪو نه ڪن، پر ٻاهران آيل حاڪم طبقن ۽ وسيل ماڻهن ۽ قبيلن پاڻ کي انهن محنت ڪش ماڻهن ۽ عام ماڻهن کان جدا ’خاص‘، وڏ گهراڻو ۽ شرفاءَ منجهان ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجين عورتن کي پردو ڪرايو ۽ ڏسندي ڏسندي اهو رواج سنڌ ۾ پڻ پئجي ويو. ان ۾ هندو مسلمان جي ڪا به تفريق ڪا نه هئي، اڳي جيڪو به ماڻهو پاڻ کي انهن ’خاصن‘ منجهان چوائڻ چاهيندو هو اهو زالن کي پردو ڪرائيندو هو. گهر کان ٻاهر نڪرڻ مهل اهڙيون مڪاني عورتون اکڙي، گهونگهٽ ۽ ٻڪل ڪڍنديون هيون پر پوءِ منجهن برقعي جو رواج پيو. سنڌ ۾ برقعو ٻن قسمن جو ٿئي. هڪڙو پشوري برقعو، جيڪو سنڌ ۾ محمود غزنويءَ واري دور کان رواج ۾ آيو. اهو ٽوپيءَ وارو برقعو شرفاءَ ۽ وڏگهراڻيون عورتون، نامحرم مردن کان منهن لڪائڻ لاءِ پائينديون هيون. ويجهڙائي ۾ هي برقعو افغانستان ۽ پاڪستان جي قبائلي علائقن ۽ سرحد صوبي جي عورتن ۾ پردي جي نئين سر پابنديءَ سبب وري رواج ۾ آيو آهي. برقعي جو ٻيو نمونو ”چادريءَ“ وارو آهي، جيڪو ايراني چادر يا فرغل جي نموني تي ٺهيل هوندو آهي. ان ڪاري رنگ جي برقعي جا ٻه حصا ٿين. هڪڙو حصو ڪُلهن کان وٺي پيرن تائين ۽ ٻيو حصو مٿي ۽ منهن ڍڪڻ لاءِ، جنهن کي ”رومالي“ به چوندا آهن. ’روماليءَ‘ وارو برقعو هلڪو ۽ فيشني سڏبو آهي. سنڌ ۾ اهي ٻئي نمونا هلندڙ آهن، پر هاڻي گهڻو تڻو فيشني برقعي جو رواج وڌندو وڃي .
برقعو گهڻو ڪري اڇي ڪپڙي مان ٺهيل هوندو هو، جنهن ۾ پيرن تائين جسم ڍڪيل رهندو هو؛ فقط پير برقعي کان ٻاهر رهندا هئا، جن مٿان موزا يا جوراب پائبا هئا. اکين واري هنڌ تي ڄاري ٺهيل هوندي آهي. برقعي جي مٿي واري هنڌ تي سُٽ مان ٺهيل مغيلي ڪنگرن سان ٽوپي پائڻ جو رواج هو، جيڪا برقعي سان ڳنڍيل هوندي آهي. برقعي تي سهڻائيءَ لاءِ گهير ۾ پليٽيون هڻندا آهن .
برقعو هڪ سماجي طبقاتي اهڃاڻ به آهي. اڄوڪي دور ۾ به جيڪو ڳوٺاڻو پنهنجي ڳوٺ يا ٻهراڙيءَ ۾ زالن کي پردو ڪونه ڪرائي، سو جي شهر ۾ اچي رهندو، سماجي طور ڪجهه مٿڀرو ٿيندو ته انهن کي پردو ڪرائيندو، برقعو پارائيندو ۽ جيئن جيئن معاشي طور ترقي ڪندو اڇي برقعي مان چادريءَ کي اختيار ڪيو ويندو. وري تعليم ۽ اوچي طبقي ۾ شموليت کانپوءِ برقعو لهي ويندو، ائين سماجي طبقن موجب پردي جو تصور ڦرندو رهي ٿو .
صوفين جي اصطلاح موجب مراقبي ڪڍڻ وقت مُنهن گوڏن تي رکي، مٿان سڄي جسم کي لڪائڻ يا ڍڪڻ جي چادر کي به برقعو چئبو آهي .


لفظ برقعوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو