برمو

بَرمو: سوراخ ڪڍڻ جو هڪ اوزار. ننڍي سيرائيءَ کي برمو چوندا آهن. هيءُ لوهه جو اوزار آهي، جيڪو بجليءَ جي زور تي هلندو آهي ۽ لوهه جي ٿُلهيءَ چادر مان به پار ٿي ويندو آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ برمي سان زمين کوٽي، ان ۾ لوهي پائيپ وجهي، پاڻي ڇڪڻ لاءِ هئنڊ پمپ هڻندا آهن. ان هئنڊ پمپ کي به عام طرح ”برمو“ چوندا آهن .


لفظ برموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو