برهمي

برهمي: هڪ قسم جي ول، جيڪا پسارڪي وکر طور ڪم ايندي آهي. هيءَ ٻن قسمن جي ٿئي ٿي. هيءَ ول زمين تي ڇَٽو هڻي ٿي. اصل برهميءَ جا پن گهوڙي جي سنب جيان ۽ ڪنارن کان نوڪدار ٿين ٿا. ٻئي قسم کي ”منڊوڪ پرني“ چيو وڃي ٿو. هن جو پن اصل برهميءَ کان ٿورو وڏو ۽ ٿلهو ٿئي ٿو. هيءَ گاهه جي نالي سان به مشهور آهي، جو خوشبودار هئڻ سبب تيل ۾ به ملائي ويندي آهي. هيءَ ذائقي ۾ ڪوڙي ۽ ڪساري ٿئي ٿي. هيءَ طبي لحاظ کان پيٽ کي نرم ڪندڙ، هاضمو وڌائيندڙ، اعصاب ۽ حافظي کي تقويت بخشيندڙ آهي. حڪيم هن جي ٿاڌل ٺاهي مٿي جي سور، مغز جي ڪمزوريءَ ۽ اکين جي نظر جي گهٽتائيءَ لاءِ ڏيندا آهن ۽ سندن خيال آهي ته هيءَ بدن جي خوبصورتيءَ ۽ ڄمار لاءِ مفيد آهي .


لفظ برهميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو