بروا

بروا (راڳڻي ):ڪافي ٺاٺ جي اوڍو سمپورن راڳڻي، جنهن جي آروهي ۾ گنڌار ۽ ڌيوت ورج آهن ۽ امروهي سمپورن اٿس. ٻئي نکادون استعمال ٿين. هي راڳڻي ٻن طريقن سان ڳاتي وڃي ٿي. هڪ طريقو اهو آهي ته ڪومل گنڌار استعمال ڪجي. ٻيو طريقو اِهو آهي ته ٻئي گنڌارون هڻجن. ديس سان مشابهت رکندڙ آهي، جڏهن گنڌار سان اترانگ ۾ ايندي- پر خيال هجي ته ديس جي ڌيوت ڪومل آهي، جڏهن ته هن ۾ تيور ڌيوت لڳندو آهي. هي مسلمانن جي ايجاد ڪيل راڳڻي آهي .
هن راڳڻي، جي خاص تان: گا- ري گا- سا- ري- پا- ري گا- سا- نِا- ڌِي پِا- مِا پا- ني سا- سا- ري- ما- پا- ڌي پا- ڌي ما- گا- ري – سا آهي. هن راڳڻي جي آروهي: ساري ما پا ڌي ني سا ۽ امروهي: سا نا ڌي پا ڌي ما گا ري گا سا آهي، جڏهن ته وادي سر کرج ۽ سموادي سُر پنچم آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو