بسمل

بِسمل: ”بسمل“ لفظ جي معنيٰ آهي ڪُٺل يا حلال ٿيل. مشهور شاعر حافظ عبدالله ٽکڙائيءَ ۽ مشهور اديب سراج الحق جي شروعاتي دور جو تخلص ”بسمل“ هو. دراصل هيءُ لفظ ’بسم الله الرحمٰن رحيم‘ جو مخفف آهي. هر ڪم جي شروعات ”بسم الله“ سان ڪرڻ سنت آهي، انهيءَ ڪري ڪنهن حلال جانور کي ڪهڻ وقت به ”بسم ا ، ا اڪبر“ چئبو آهي، جنهن مان اصطلاحي معنيٰ وٺجي ته ڪُهڻ، ڪُهي ڇڏڻ يا حلال ڪرڻ. انهيءَ ڪري شاعرن، محبوب جي هٿان عاشق جي ڪسجڻ کي به ”حلال ٿيڻ“ جي مفهوم ۾ ” بسم الله الرحمٰن رحيم “ جو مخفف ”بسمل“ ٺاهي، ان مان خيال ئي خيال ۾ عاشق جي ڪسجڻ، ”قتل ٿيڻ“ جو مفهوم ورتو آهي .


لفظ بسملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو