بسنت

بسنت: بھار جي مند، جيڪا 15 فيبروري کان شروع ٿي، اپريل جي اڌ مھيني تائين هلندي آهي. فصلي سال ۾ بسنت بھار جي مند چيٽ ۽ ويساک جي مھينن ۾ ٿيندي آهي. هي فصلن تي گلن ٽڙڻ جي خوشي ۽ قدرتي/فطري نظارن کان لطف وٺڻ جي رُت طور ملھائجي ٿي. هن رُت کي ’پيلن گلن ڦٽڻ‘ جي رُت پڻ چئبو آهي. روايت آهي ته سنڌ ۾ اڳي بسنت (رُت) دؤران گھرن ۾ ’ڪيريا‘ چانور پچايا ويندا هئا ۽ پيلي رنگ جا ڪپڙا پائي گهر گهر ۾ مٺن چانورن/مٺائي سان گڏ پيلا گُل ورهايا ويندا هئا. مندرن توڙي گهرن ۾ پوڄا پاٺ ۽ ڪيرتن جو اهتمام ڪيو ويندو هو. موجوده وقت ۾ هند سنڌ ۾ ان کي ثقافتي انداز ۾ بسنت جو تھوار ڪري ملھايو ويندو آهي. پنجاب ۾ ان تھوار جي موقعي تي لغڙ بازي/اڏائڻ جي روايت پيل آهي مگر جاني نقصان ۽ حادثن جي شرح وڌڻ سبب حڪومتي سطح تي اڪثر ان تھوار تي پابندي مڙهي وڃي ٿي


لفظ بسنتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو