بسيم

بسيم: هڪڙي قسم جو ميوو آهي، جيڪو صوف ۽ زيتون جي پيوند مان پيدا ٿئي ٿو. هي ناسپاتيءَ کان سخت ۽ سرهو ٿئي ٿو. دل کي فرحت ڏيندڙ ۽ تقويت بخشيندڙ ميوو آهي. حڪيمن چواڻي طبي لحاظ کان الٽيون ۽ دست بند ڪري ٿو. مهارن جي مضبوطيءَ لاءِ پاڻي ۾ ڪاڙهي گرڙيون ڪرڻ سان فائدو ٿئي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو