بشڪرڪ

بشڪرڪ (Bushkurk) (ٻولي ):هن ٻوليءَ تي شينا، توروالي ۽ گوار بتي جو گهڻو اثر آهي. هيءَ ٻولي پاڪستان جي اڳوڻي دير رياست ۽ دير ڪوهستان جي پراڻي ٻولي آهي. دير تي پٺاڻن جي قبضي کان پوءِ هيءَ ٻولي پاڙي واري سوات ڪوهستان جي گوري/ گاؤري ٻوليءَ ۾ ضم ٿي وئي.
هيءَ ٻولي هند- يورپيائي، هند- ايراني، هند- آريائي، داردي ٻولين جي خاندان مان آهي. هيءَ داردي ٻوليءَ جي شاخ آهي. هيءَ ٻولي راشڪوٽ، بري ڪوٽ، جيئار، بيئر، ڪلڪوٽ، لاموت، ٿل ۽ سوات جي اترين علائقن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌ ۾ وسيل اترين علائقن جا ماڻهو اها ٻولي ڳالهائين ٿا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو