بلاذري

بِلاذري: اصل نالو احمد بن يحييٰ بن جابر بن دائود البلاذري. وفات 297هه / 909ع. ٽين صدي هجريءَ جو هڪ نامور عرب مؤرخ ۽ ماهر النساب (نسب جي ڄاڻ رکندڙ)، خوشنويس ۽ شاعر هو. جيڪو ٻي صدي هجريءَ جي آخر ۾ پيدا ٿيو. بغداد ۾ سندس پرورش ٿي ۽ شام، عراق ۽ مختلف شهرن ۾ حديثون بيان ڪيائين. خليفي متوڪل عباسيءَ ۽ مُستعين عباسيءَ جي دوستن ۾ شامل هو ۽ خليفي معتزل جي پٽ جو اُستاد به رهيو. فارسيءَ جي ڪن ڪتابن جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. مستقل تصنيفن مان سندس ٻه ڪتاب قابل ذڪر آهن: هڪڙو ”فتوح البلدان“، جنهن ۾ عربن جي ملڪي فتوحات جو ذڪر آهي. هيءُ ڪتاب ڇپجي چڪو آهي ۽ ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو به ٿيل آهي. ٻيو ڪتاب ’انساب الاشراف‘. هيءُ عربن جي وڏي تاريخ آهي، جنهن ۾ انهن جي نسب يعني خاندانن جي لحاظ سان ذڪر ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب تاريخ اسلام جي بنيادي سرچشمن مان آهي. بلاذري روايت جي انتخاب ۾ نهايت خبردار هو. انهيءَ ڪري سندس تصنيفون مستند سمجهيون وڃن ٿيون. هن سير و سياحت به ڪئي، وفات کان اڳ چريائپ جو شڪار ٿيو هو .


لفظ بلاذريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو