بلاول ڀٽو زرداري

بلاول ڀٽو زرداري

بلاول ڀٽو زرداري

بلاول ڀٽو زرداري: بلاول ڀٽو زرداري، 21 سيپٽمبر 1988ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو، هو اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جو پٽ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ڏهٽو آهي. هن شروعاتي تعليم ڪراچي گرامر اسڪول مان حاصل ڪئي. سندس امڙ بينظير ڀٽو جڏهن ٻيو ڀيرو وزيراعظم ٿي ته بلاول، فروبيلس انٽرنيشنل اسڪول اسلام آباد ۾ داخل ٿيو. صدر فاروق لغاري پاران جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي برطرف ڪيو ۽ مٿس مختلف ڪيس مڙهيا ويا ۽ سندس ور آصف زرداريءَ کي گرفتار ڪيو ويو ته انهن حڪومتي ڪاررواين سندس والده کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪري وڌو ۽ هوءَ بلاول ۽ پنهنجي ٻن ڌيئرن کي ساڻ ڪري دبئي هلي ويئي. بلاول راشد اسڪول فار بوائز دبئيءَ ۾ پڙهيو، جتي هو شاگرد يونين جو نائب صدر چونڊيو ويو. بعد ۾ هن آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج مان ’جديد تاريخ ۽ سياست‘ ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. هيءَ اها ئي يونيورسٽي آهي، جتي سندس امڙ ۽ نانو به شاگرد رهيا هئا. بينظير ڀٽو جي شهادت، بلاول لاءِ وڏي صدمي جي برابر هئي. ڇو ته جڏهن هُو اڃا ٻار هو، تڏهن کان ئي سندس والد آصف علي زرداري مسلسل جيل ۾ رهيو ۽ پيءُ جي شفقت کان محروم رهيو ۽ اهڙي وقت ۾ اها سندس والده ئي هئي، جنھن کيس ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جو پيار ڏنو. بلاول کي محترمه بينظير ڀٽو جي ٽيجهي، 30 ڊسمبر 2007 تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. حالانڪه بينظير ڀٽو پنهنجي وصيت ۾ آصف علي زرداريءَ کي پارٽيءَ جو چيئرمئن بڻائڻ لاءِ لکيو هو، پر هن پاڻ کي شريڪ چيئرمئن بڻايو ۽ بلاول کي چيئرمئن، ايڏي ننڍيءَ عمر ۾ سندس وڏيءَ سياسي جماعت جي سربراهه طور مقرري دنيا جي تاريخ جو پهريون واقعو آهي، انھيءَ سان گڏ بلاول جي سڃاڻپ ۾ هڪ ٻي تبديلي به آئي. آصف علي زرداريءَ پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته بلاول اڄ کان پاڻ کي ’بلاول ڀٽو زرداري‘ سڏائيندو ۽ لکندو. بلاول ڀٽو زرداري پارٽيءَ جي واڳ سنڀالڻ کان اڳ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي، تيستائين پارٽي جون ذميواريون آصف زرداري سنڀاليندو رهيو. بلاول ڀٽو پنهنجي شهيد والده جي تدفين ۽ بعد ۾ والد جي صدر طور قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ خصوصي طور پاڪستان آيو. بلاول انگريزي، اردو ۽ عربي ڳالهائي سگهندو آهي. هو ٽائيڪوانڊو جو بليڪ بيلٽ، گهوڙي سواريءَ ۽ ڪرڪيٽ جو شوقين آهي. بينظير ڀٽو جي هڪ ساهيڙي وڪٽوريا فيلڊ جو چوڻ آهي ته بلاول جي ماءُ سان ڏاڍي پريت هئي ۽ هو ماءُ جو فرمانبردار پٽ آهي. 2008ع ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سياست ۾ اچڻ بابت بلاول ڀُٽي چيو هو ته ”في الحال ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، وقت اچڻ تي ڏسنداسين. آءٌ پاڪستان جي ماڻهن جي مدد ڪرڻ چاهيندس پر اهو فيصلو تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ڪندس“. پر وقت ۽ حالتن مٿس وقت کان اڳ اهو فيصلو مڙهي ڇڏيو ۽ کيس سياست ۾ اچڻو پيو. 2018ع وارين عام چونڊن ۾ باقاعدي طور پاڪستان پيپلزپارٽي جي منشور ۾ کيس پارٽيءَ جو چيئرمين نامزد ڪيو ويو. ساڳي اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي جي تڪ NA-200 تان آگسٽ 2018ع ۾، قومي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. مارچ 2019ع ۾، قومي اسيمبليءَ جي، انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو بنا مقابلي چيئرپرسن منتخب ٿيو. اپريل 2022ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ، بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو وزير خارجه مقرر ٿيو. هن وقت هو پاڪستان جي وزير خارجه طور، ملڪ جي پرڏيھي پاليسي تي بھترين ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ بلاول ڀٽو زرداريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1988.09.21  عيسوي

بلاول ڀٽو زرداري، 21 سيپٽمبر 1988ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.


2007.12.30  عيسوي

بلاول ڀٽو، 30 ڊسمبر 2007ع تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو.



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارباب ذڪاءُ الله
آغا تيمور خان پٺاڻ
الهه بخش سومرو شهيد
ابڙو تاج محمد
بروهي جان محمد
الطاف حسين
بشير خان قريشي
اعجاز علي خان جتوئي
امير بخش ڀٽو
آدم خان رند
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون