بلاول- تحقيقي جرنل

بلاول- تحقيقي جرنل

بلاول1

بلاول (تحقيقي جرنل ):بلاول نالي سان هي رسالو ”بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ“ نوابشاهه پاران جون 2009ع کان ڇپجڻ شروع ٿيو آهي. هي جرنل سنڌي ۽ انگريزي ٻنهي زبانن ۾ الڳ الڳ ڪڍيو وڃي ٿو. هن رسالي جو سرپرست پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ۽ چيف ايڊيٽر عبدالغفار صديقي آهي. هن رسالي جي پهرئين پرچي ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاهه، عظيم سنڌي، خان محمد لاڙڪ ۽ شهناز چنه جا مقالا شامل آهن. عمدي ڪاغذ تي شايع ٿيل سنڌي شماري جي قيمت 80 روپيا ۽ انگريزي شماري جي قيمت 120 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو