بلب

بلب

بلب

بلب: روشنيءَ جو گولو، جنهن جي اندر خاص قسم جي تار، برقي وهڪري جي خلاف مزاحمت جي عمل سان ڳاڙهي ٿي جڳمڳائڻ لڳندي آهي. جنهن سان روشني ٿيندي آهي. بلب 1879ع ۾ ٿامس ايڊيسن آمريڪا ۾ ايجاد ڪيو. هن شروع ۾ ڪاربان جي ڌاڳي وارو بلب تيار ڪيو هو، ان کان پوءِ سائنسدانن مختلف ڌاتن جي تارن کي آزمايو؛ پلاٽينيم جي تار کي به هن سلسلي ۾ استعمال ڪيو ويو. ايڊيسن به گولي کي بهتر بنائڻ لاءِ مختلف ڌاتن جون تارون استعمال ڪيون، جيتوڻيڪ ڌات جي تار سڙي ويندي هئي. انهيءَ لاءِ روشنيءَ جي گلوب ۾ نائٽروجن گئس ڀري وئي، پر اها تبديلي گهڻي ڪامياب نه وئي آخرڪار هڪ اهڙو بلب تيار ڪيو ويو، جنهن مان هوا خارج ڪري شيشي جي اندر خلا پيدا ڪئي وئي هئي؛ اهو بلب ڪامياب ٿيو. ٿامس ايڊيسن هن بلب جي ڪاميابيءَ کي ڏسندي پلاٽينيم ۽ ريڊيم جي تارن جو خيال ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪاربان ۽ تارڪول مان هڪ ريشو تيار ڪري بلب ۾ استعمال ڪيو، جيڪو ڪافي حد تائين ڪامياب رهيو. ان کان پوءِ برقي بلب ۾ خلا پيدا ڪري ڌاتن جون تارون استعمال ڪرڻ لڳا. بجليءَ جي روشني ڏيڻ لاءِ خاص قسم جي شيشي جو ننڍڙو گولو، جنهن ۾ اندر ٻه تارون هونديون آهن. هڪڙي تار مان بجليءَ جي وهڪ ايندي آهي، انهيءَ تار کي گرم تار چوندا آهن ۽ ٻيءَ تار مان بجليءَ جي وهڪ موٽي ويندي آهي، ان کي ٿڌي تار چوندا آهن. ٻنهي تارن جي وچ ۾ ڪاربان مان ٺهيل جدا سنهي تار لڳل هوندي آهي، جيڪا بجليءَ جي وهڪ وقت گرم ٿي روشني ڏيڻ لڳندي آهي. بلب تي روشنيءَ جو دارومدار تار جي رڪاوٽ ۽ ڊيگهه تي آهي ۽ گهربل روشنيءَ لاءِ تار جي خاص ٿولهه ۽ ڊيگهه گهربل هوندي آهي، جيئن ته بلب ۾ ايتري ڊگهيءَ تار لاءِ جاءِ نه هوندي آهي، تنهنڪري ڊگهيءَ تار کي وڪڙ ڏئي ويڙهي ڪوائل (coil) جي صورت ۾ لڳايو ويندو آهي .


لفظ بلبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1879.00.00  عيسوي

بلب 1879ع ۾ ٿامس ايڊيسن آمريڪا ۾ ايجاد ڪيو.



ٽيڪنالاجي ۽ ايجادون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽيليڪرون
زپ ڊرائيو
بلب
راڪيٽ
زپ ڊسڪ
ريفريجريٽر
بحري تار
ريڊيو
ٽيڪنالاجي ۽ ايجادون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون