بلد

بلد، سورة: قرآن پاڪ جي 90 سورة، جيڪا هڪ رڪوع ۽ 20 آيتن تي مشتمل آهي ۽ مڪي ۾ نازل ٿي. بلد شهر کي چوندا آهن ۽ البلد مان مراد آهي مڪو شريف. هن سورة ۾ ٻڌايل آهي ته هي دنيا انسان لاءِ آرام واري جڳهه ناهي، جو هو صرف عيش ڪندو رهي، بلڪ هن دنيا ۾ سندس پيدائش آزمائش خاطر ٿي آهي. ان کان پوءِ ٻڌايو ويو آهي ته الله تعاليٰ انسان کي علم جي ذريعي سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت ڏئي، ان جي سامهون برائي ۽ ڀلائيءَ جا ٻئي رستا رکيا آهن. آخر ۾ ٻڌايل آهي ته اهو رستو جنهن مان گذري ماڻهو بلنديءَ طرف وڃي سگھي ٿو، اهو هي آهي ته انسان رياڪاري ۽ ڪوڙي ناموس تي خرچ ڪرڻ ڇڏي، پنهنجو مال يتيمن ۽ مسڪينن تي خرچ ڪري. الله تعاليٰ تي ايمان آڻي ۽ ايمان وارن سان شامل ٿئي، خدا جي خلق تي رحم ڪري ۽ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪو به اهو رويو اختيار ڪندو آهي، اهو الله جي رحمت جو مستحق آهي ۽ جيڪو ان جو مخالف رستو اختيار ڪري ٿو، اهو جهنم جي باهه جو حقدار آهي.


لفظ بلدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو