بلغار

بُلغار: ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آباد آهن: ’مير حاجي ڪبير‘، ’محمد حسن هڪڙو‘، ’مير حاجي غلام محمد‘، ’محمد صالح لغاري‘، ’بروهي آباد‘، ’اسلام پور‘، ’کمون ڪانٽيو‘، ’ڪانٽيو لوسو‘، ’خدابخش لغاري‘، ’ڪبر بچاڻي‘ ۽ ’ڪاٽن فيڪٽري‘. ٽنڊي الهيار کان ميرپورخاص ريلوي لائين تي هن نالي سان الڳ اسٽيشن پڻ موجود هئي، جيڪا هاڻي بند ٿي وئي آهي ۽ ان جي جاءِ تي هاڻي آغاخاني خواجن جو وڏو ڳوٺ آباد ٿي ويو آهي، جيڪو ”سلطان آباد“ جي نالي سان مشهور آهي. هن ديهه ۾ بڪر ڀاڄيءَ جي پوک ايتري ته گهڻي انداز ۾ ٿئي ٿي جو حيدرآباد ۽ ڪراچي شهرن ۾ بڪر جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو