بلور

بلور

بلور

بِلورُ: هڪ قسم جو پٿر، جيڪو جابلو کاڻين مان ملندو آهي. هي عام طور بي رنگ ۽ شفاف هوندو آهي. ان کي عربيءَ ۾ ’حجرالبلود‘ ۽ سنسڪرت ۾ ”اسماٽڪ“ چوندا آهن. ڪيميائي ماهيت جي لحاظ سان سليڪان ڊاءِ آڪسائيڊ هوندو آهي، جيڪو ٻرندڙ جبلن جي نَسُن وارين وٿين ۾ ڀريل هوندو آهي. بلور جا قلم شش پهلو يعني ڇهه پاساوان هوندا آهن، جن جون پڇڙيون مخروطي (نبات جي شڪل) هونديون آهن. کاڻين مان بلور جا قلم اٺ ميٽر ڊگها به لڀندا آهن. جواهرات وانگر بلور ۽ قلمن کي ڇلي، زيورن ۾ جوڙيندا آهن. ان کان سواءِ مختلف قسمن جي شين، فانوسن، عطردانين، گلدانن، مورتين ۽ پيالن لاءِ به بلور کي گهڙي ڇلي ٺاهيندا آهن. موجوده دور ۾ اعليٰ قسم جي عينڪن جا شيشا، دوربينين ۽ خوردبينين جا لينسز به بلور مان ٺاهيندا آهن. سڄي دنيا ۾ لکين انسان عينڪ استعمال ڪن ٿا، جنهن جي مدد سان چٽيءَ طرح ڏسي سگهجي ٿو؛ آسانيءَ سان سنها اکر پڙهي سگهجن ٿا. حقيقت ۾ بلور ۽ وڌاءَ واري شيشي Magnifying glass جي مدد سان ننڍين شين کي وڏو ڪري ڏسجي ٿو. بلور (Lens) شفاف جسم مان ٺاهجي ٿو. هونئن به بلور جي ڇلَ جو ڪم گهڻن ملڪن ۾ ٿيندو آهي، ليڪن چين، جاپان ۽ جرمنيءَ وغيره ۾ بلور جي ڇلَ ۽ گهڙائي تمام سٺي ٿيندي آهي. بلور عام پٿر هئڻ جي ڪري گهڻن ملڪن ۾ لڀندو آهي، ليڪن برازيل، مڊگاسڪر، جاپان، اتر آمريڪا، سوئٽزرلئنڊ، آسٽريليا، فرانس ۽ هنگريءَ ۾ هن جا ذخيرا قابل ذڪر آهن. هندوستان ۾ به اعليٰ قسم جو بلور ملندو آهي. ٿُلهو ۽ چمڪندڙ شفاف مصنوعي شيشو، جيڪو عموماً بٺين ۾ ٺاهيو ويندو آهي. شيشي مان ٺهيل ٻاراڻي راند جا چڌا به بلور سڏبا آهن. بلور ٺاهڻ جا ڪارخانا سنڌ ۾ به آهن، پر اُهي هڪ ته سُٺا ۽ معياري نه آهن ۽ ٻيو ته ڪچو شيشو استعمال ڪندا آهن. انهيءَ ڪري پائدار نه هوندا آهن. هن وقت چين جا ٺهيل ’چڌا‘ ٻارن کي ڏاڍا وڻندا آهن .


لفظ بلورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو