بند

بند: اُٿل کان بچاءُ لاءِ مٽيءَ يا پٿرن جو بند جيڪو پاڻيءَ کان روڪ لاءِ ٻڌجي. بلوچستان جي جابلو پاڻي کي روڪڻ خاطر بچاءُ بند ۽ سنڌوءَ جي ٻوڏ کان بچڻ لاءِ بند وغيره. ڪيٽي بندر واري علائقي ۾ درياءُ جي کاٻي ڪپ کان شروع ٿيندڙ بچاءُ بند، جنهن کي عام طرح ”ڪچي وارو بند“ چيو وڃي ٿو. اهو سجاول تعلقي کان شروع ٿي، تعلقي شاهه بندر ۾ ختم ٿئي ٿو. اهو بند مختلف هنڌن تان لنگهڻ سبب مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو. مثلاً تعلقي سجاول ۾ هن کي ”بيگاري بند“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو؛ تعلي شاهه بندر ”مولچند- شاهه بندربند جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪو سجاول کان شروع ٿي، تعلقي جاتيءَ مان وڃي، تعلقي شاهه بندر ۾ پهچي ٿو. هن علائقي جي ٻين لوپ بندن ۾ نهير لوپ بند، ٻيلو لوپ بند، ڪوٽ عالمون لوپ بند، سُورجاڻي لوپ بند، رانٽا لوپ بند، لنڊي بند ۽ گونگڙي ڪارب بند جا نالا ذڪر جوڳا آهن. ان کانسواءِ تعلقي جاتيءَ ۾ منارڪي بند، جيڪو موريءَ وٽ ختم ٿي، تعلقي شاهه بندر چيو وڃي ٿو، جنهن کي اڳتي هلي قادر ڏني شاهه بند جي جڳهه تي کانٽي واهه جي سڄي پاسي واري بند کي درياهي بند طور تبديل ڪيو ويو. مذڪوره بند اڳتي هلي وري ”ڪوڪا وارو بند“ ڪوٺجڻ لڳو. انهن دريائي بندن کان سواءِ حڪومت پاران هن علائقي کي سامونڊي کاري پاڻيءَ جي اٿلڻ کان محفوظ رکڻ لاءِ تعلقي جاتيءَ جي اوڀر، ڏکڻ طرف کان هڪ وڏو بند ڏنو پيو وڃي، اهو بند جاتي تعلقي جي ڳوٺ ”راڄ ملڪ“ جي ڏکڻ ۾، پاڪستان پاران عالمي بئنڪ جي تعاون سان ٺهي رهيو آهي. هن بند جو سرڪاري نالو ”ٽائيڊل لنڪ بند“ آهي. عام ماڻهو ان کي ”وڏو بند“ سڏين ٿا .


لفظ بندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو