بنڪم

بنڪم: هڪ قسم جو ٻوٽو، جيڪو پسارڪي وکر طور ڪم اچي. طبي لحاظ کان هن جو اڇو ڪارو ٻن قسمن جو ٻوٽو ٿئي ٿو. هن جو اڇو قسم مرگهي، جنون، چريائيءَ ۽ ڊيڄڙي لاءِ ڪارآمد آهي. شراب سان گڏي ڏنو وڃي ته قابض آهي. ڦودني سان پيٽ جي ڪينئن ۽ پيشاب جي تڪليف جلندر، صفراوي دستن، اندرين سوڄ ۽ اندرين سڀني عضون جي طاقت لاءِ مفيد آهي. هن جو ٻيو ڪارو قسم زهر قاتل آهي .


لفظ بنڪمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو