بنگلور

بنگلور: بنگلور ڏکڻ هندستان جي صوبي ڪرناٽڪ جو هڪ اهم شهر آهي. 1970ع ۾ آدم شماري موجب 1041900 هئي. آزادي کان اڳ رياست ميسور جي گاديءَ جو هنڌ هو. تمام خوبصورت شهر آهي. بنگلور شهر جو بنياد 1537ع ۾ وڌو ويو. 1760ع ۾ سلطان حيدر عليءَ ان تي قبضو ڪيو. 1799ع ۾ انگريزن سلطان ٽيپو کي سرنگاپٽم جي ميدان ۾ شڪست ڏيئي ان تي قبضو ڪيو. مگر پوءِ رياست ميسور ان جي اصل حڪمران حوالي ڪئي وئي. 1831ع ۾ هيءُ شهر ميسور جي گادي جو هنڌ مقرر ڪيو ويو. هتي ٽيپو سلطان جو محل ۽ ٻيون تاريخي عمارتون قابل ديد ۽ ڏسڻ وٽان آهن.


لفظ بنگلورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو