بهاؤالدين

بهاؤالدين: بهاؤالدين ولد ڦلڻ خان مهر ڳوٺ عزيز پور تعلقي پني عاقل جو ويٺل هو. ويجھڙائيءَ واري زماني جو شاعر ٿي گذريو آهي مولود، مداحون، بيت، ڪافيون ۽ ڏور جا بيت به چيا اٿس. يعني شاعريءَ سان گڏ سگھڙپائيءَ جو شوق به هوس. مدح لاءِ اندروني قافيه نهايت ضروري سمجھيو ويندو آهي. هن قسم جي مداح جي شروعات ميان سرفراز ڪلهوڙي ڪئي. ان کانپوءِ جن به شاعرن مداحون چيون آهن، تن اندروني قافين جو لحاظ رکيو آهي. بهاؤالدين به انهيءَ قسم جو لحاظ رکيو آهي. مثال:
ڀـرم تـون آن ڪـرم تون آن، رحم تون رحمان جو
ســردار تـون گلــزار تـون، آڌار تـون ايمـان جــو؛
حبيب تون عجيب تون، نقيب تون رحمان جو؛
ننگ پال تون من سـوال تون، ڪر ڀال تون سڀ دان جو؛
رس يـا رســـول الله تـون يــا نبـي نـورالــهـدى؛
منظـور ڪريان مصطفيٰ، مقصد سگھڙو محمدا.


لفظ بهاؤالدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو