بهادرپور

بهادرپور: هن نالي سان جيڪب آباد ۽ دادوءَ ضلعن ۾ جدا جدا ٻه ديهون ۽ تعلقي ٺل ۾ هڪ ڳوٺ آباد آهي. ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ٺل واري ديهه ۾ هيٺيان ڳوٺ آباد آهن: ’بهادرپور‘، ’بخشڻ ٽانوري‘، ’ڏاتار ڏنو مهر‘، ’سنجر حاجاڻو‘، ’حافظ گل محمد گبول‘، ’شاهه بخش گبول‘، ’نورو گولو‘، ’شنبو بروهي‘ ۽ ’عبدالنبي کوسو‘. ضلعي دادوءَ جي تعلقي خيرپورناٿن شاهه واري ديهه ۾ ’بهادرپور‘، ’مٺي چانڊيي‘ ۽ ’ميوي خان چانڊيي‘ نالي ڳوٺ آباد آهن.


لفظ بهادرپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو