بهاگڙا

بهاگڙا (راڳڻي ):هي راڳڻي بلاول ٺاٺ مان آهي. هن کي بهاگ جو قسم سمجهڻ گهرجي. هن جي ڳائڻ جا اصول آهن ته بهاگ ۾ نکاد ڪومل هڻبو ته هن راڳڻيءَ جي صورت ٺهندي. ٻيو ته بهاڳ ۾ ٻئي مڌم هڻبا ته بهاڳڙا جي صورت ٺهندي. اها ئي صورت بهاگ ۽ بهاڳڙا ۾ فرق به پيدا ڪري ٿي. وادي سُر گا سموادي سر ني.


لفظ بهاگڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو