بهليبا-3

بهليبا-3 (Bahelba-III): هي ماڳ هندستان ۾، ميهام تعلقي جي ڳوٺ بهليبا کان 5 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾، ''15'2376 اتر ويڪرائي ڦاڪ ''00'5028 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ميهام شهر کان 10 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، هي ماڳ دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. ماڳ جو ڪجهه حصو ڀواني ضلعي جي ڪلنگا ڳوٺ ۾ اچي ٿو. هي ماڳ 6.5 هيڪٽرن جي ايراضي تي ڦهليل آهي. دڙي جي اوچائي 3 ميٽر آهي. هتان پوئين هڙاپائي دور جون وٿون ملن ٿيون، پر ڀوري ٺڪر جا ٿانو ۽ وچين تاريخي دور جون وٿون به مٿاڇري تي ڦهليل آهن. وٿن ۾ ٺڪر جي چوڙين جا ٽڪرا، مڻيا ۽ ٿانون جون ٺڪريون عام آهن. هن ماڳ کي سريندر سنگهه نالي آرڪيالاجسٽ 1989ع ۾ ڳولي لڌو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو