بوبڪ3

بوبڪ3: بوبڪ پاڻيءَ جو هڪ گاهه به آهي، جنهن جو پن بصر جي پن جهڙو ٿيندو آهي. هي پاڻيءَ ۾ اڀرندو آهي، پر جڏهن پاڻي مٿان لهيس، تڏهن وڏو ٿيندو آهي. بوبڪ گاهه پاڻيءَ ۾ هوندو آهي ته نرم هئڻ ڪري مڇي کانسواءِ ٻڪري ۽ ٻيو چوپايو مال کائيندو اٿس. ڪن محققن جو چوڻ آهي ته بوبڪ شهر تي، بوبڪ گاهه تان اهو نالو پيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو