بودڪ

بُودڪ: تعلقي ڪنڊياري ۾ هڪ ديهه ۽ ڳوٺ جو نالو. مشهور اُستاد ۽ سياستڪار سرور سهتو هن ڳوٺ جو رهاڪو آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته هن ڳوٺ جو اصل نالو ’ٻُڌڪ‘ هو، ۽ بعد ۾ تبديل ٿي ’بوبڪ‘ ٿي ويو. هن ڳوٺ ڀرسان بُدڪا/ ٻڌڪا مائنر (شاخ) به وهي ٿي. هيءُ علائقو ٻڌ ڌرم جي اثر هيٺ هو. اهڙي تحقيق محترمه مستور بخاري به ڪري رهي آهي. ڪنڊياري تعلقي ۾ ”ٻُڌ“ ذات جا ماڻهو به رهن ٿا. جيڪي مسلمان آهن. معلوم ٿئي ٿو ته اُهي اسلام جي آمد بعد ٻڌ ڌرم ترڪ ڪري مسلمان ٿيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو