بيبرڪ

بِيبرَڪ: رِڍُن جو هڪ نسل، بلوچستان جي سبي، مري، بگٽي ۽ لورالائي علائقن ۾ ’بيبرڪ‘ رڍ جو نسل عام آهي. قد وچولو، رنگ ۽ دنب سفيد، مٿو ڪارو يا ڀورو، ڪن ننڍا، نر کي سڱ ٿيندا آهن، پڇ ننڍو ۽ ويڪرو، گوشت لذيذ، اَن جي تند ننڍي ۽ سخت وارن جهڙي، اُن صاف ۽ سفيد. ساليانو اُن جي پيداوار ڏيڍ ڪلو گرام هوندي آهي. رڍون گوشت، اُن ۽ کلن لاءِ پاليون وينديون آهن.


لفظ بيبرڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو