بير

بِيرُ: زمين جي سطحي تهه مان جيڪي ڌاتو لڀن ٿا، تن ۾ لوهه چوٿين نمبر تي هوندو آهي. سڀ گهڻو ڪري ڪچيءَ حالت ۾ ملندا آهن. ڌاتن مان لوهه کي حرارتي عمل سان گئس ۽ ٻين ڌاتن کان جدا ڪيو ويندو آهي. خاص ڪري ميگنائيٽ به انهيءَ طرح تحليل ڪيو ويندو آهي. لوهه مان فولاد (رڪ) حاصل ڪرڻ لاءِ لوهه کي وري بٺيءَ ۾ وجهندا آهن، ته ان مان ڪاربان، سليڪان، مئگنيز، فاسفورس ۽ گندرف خارج ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ صاف ٿيل لوهه کي بير جي صورت ۾ آندو ويندو آهي. جيئن ته بِير ٽاڪئون ڌاتو ٿيندو آهي، تنهنڪري ڳري ڪم ۾ استعمال نه ٿيندو آهي. هلڪين مشينن، ڀڳل پرزن جي ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو آهي. پاڻيءَ جا عام پائيپ به بير مان ٺهيل هوندا آهن.


لفظ بيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو