بيرق

بَيرَقَ: جهنڊو. جهنڊي جو ڪپڙو. خاص نشان وارو جهنڊي جو ڪپڙو. لڙائيءَ لاءِ گڏ ٿيندڙ لشڪر جا سپاهي، پنهنجي سڃاڻپ لاءِ جدا جدا جهنڊا کڻي ايندا هئا، جن مان خبر پوندي هئي ته هي جٿو ڪهڙي سردار جو آهي ۽ ڪهڙي علائقي جو آهي. ٻيڙياتا به پنهنجي ٻيڙن يا غورابن تي سڃاڻپ لاءِ جهنڊيون هڻندا هئا، جن کي بائنٽيون (وانئٽيون) ۽ ڌڄون وغيره چوندا هئا. اڄ ڪلهه لانچن، ٻيڙين، گاڏين ۽ بسال وغيره تي جهنڊين يا ٻين ڪن اهڃاڻن ذريعي سڃاڻپ ڪرائي ويندي آهي.


لفظ بيرقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو