بيعت

بيعت: هي مذهبي اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته ڪنهن پيغمبر، وليءَ، بزرگ يا خليفي جي هٿ تي تائب ٿيڻ جو قسم کڻڻ ۽ اهو اقرار ڪرڻ ته هو ان هستيءَ جو هر حڪم مڃيندو. بيعت کي تصوف ۾ وري رابطي جو طريقو ڪوٺيو ويندو آهي. جيڪو پشت به پشت هلندو رهندو آهي. انهيءَ پٺيان روحاني طاقت جو هٿ هوندو آهي. جڏهن ته خلافت جي دؤر ۾ هر مسلمان تي فرض هو ته هُو خليفي جي بيعت ڪري، پر جڏهن خلافت کان پوءِ امير اقتدار ۾ آيا ته ماڻهن انهن جي بيعت ڪرڻ بجاءِ بزرگن ڏانهن لاڙو رکيو. اڄڪلهه بيعت تصوف جي چئني سلسلن ۾ ورتي ويندي آهي.


لفظ بيعتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو