بينا1

بينا: سنڌ جي پهرين سنڌياڻي فلمساز ۽ اداڪاره ’بينا‘ جو اصل نالو نورجهان هو، بينا سندس فلمي نالو آهي. سندس تعلق ٽنڊي محمد خان جي بلوچ قبيلي جي هڪ معزز گهراڻي سان هو. کيس ننڍي هوندي کان ئي فلمن جو ڏاڍو شوق هو. ان شوق جي ڪري هن فلمي دنيا ۾ قدم رکيو. هيءَ پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي سان گڏ تفريح ڪرڻ لاءِ بمبئي وئي، جتي هڪ ڏينهن پنهنجي ڀيڻ سان گڏجي فلم ’سونا‘ جي شوٽنگ ڏسڻ وئي، جنهن جو ڊائريڪٽر اعظم محبوب هو، ان کيس ڏسڻ سان ئي فلم ۾ اداڪاري ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هن پنهنجي ڀيڻ سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اسڪرين ٽيسٽ لاءِ فوٽو ڪڍايا، جنهن تي ڊائريڪٽر اعظم محبوب فوري طور پنجن سالن جي معاهدي ڪرڻ لاءِ چيو، پر هن پنجن سالن جي معاهدي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ان انڪار جو سبب واپس وطن نه وڃڻ جو خوف هو. ان کانپوءِ هن پهرين تاريخي فلم ’نجمه‘ ۾ وينا سان گڏجي سائيڊ رول ڪيو. جنهن کانپوءِ هوءَ تيرهن سالن جي عمر ۾ نور جهان مان بينا بڻجي وئي. ’نجمه‘ فلم جي ڪاميابيءَ بعد کيس ڪيترين ئي ٻين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي. هن 8 سال ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪيو. سندس هيروئن جي حيثيت سان پهرين فلم ’ڀولي ڀالي‘ هئي، جيڪا فلمساز ۽ اداڪار ڀڳوان جي ٺاهيل هئي. سندس ٻي فلم ’پارس‘ هئي، جنهن ۾ هن مڌوبالا، ڪامني ڪوشل ۽ رحمان سان گڏ اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته فلم ’اسٽيج گرل‘ ۾ دلاور سان گڏ هيروئن جي حيثيت سان، هدايتڪار ڪاردار جي ڪامياب فلم ”ناٽڪ“ ۾ ثريا سان گڏ اهم رول ادا ڪيائين. ان کانسواءِ ’جادو ڪي پتلي‘، ’بغداد ڪا چور‘ ۾ به اهم رول ادا ڪيائين. هيءَ اٺن سالن کانپوءِ پاڪستان واپس هلي آئي. هتي اچي هن هدايتڪار شيخ حسن سان گڏجي اردو فلم ’هماري زبان‘ ٺاهي، جنهن جي هيروئن به پاڻ هئي، جيڪا ناڪام ٿي وئي. ڪافي عرصي کانپوءِ هدايتڪار غلام حيدر صديقيءَ کيس فلمي دنيا ۾ اچڻ جي آڇ ڪئي، هن اها آڇ قبول ڪئي ۽ سندس ٺاهيل سڀني سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو. جن ۾: ’گهونگهٽ لاهه ڪنوار‘، ’بادل‘، ’البيلي‘، ’غيرت شان اسان جو‘، ’هاري‘، ’حاضر سائين‘، ’سهڻا سائين‘ ۽ ’سسئي پنهون‘ وغيره شامل آهن. جڏهن ته هن ڀارتي اردو فلمن: ’پراني زمين‘، ’تم نه مانو‘ ۽ ’هماري زبان‘ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو