بيٺ

بيٺِ: سندرو، ڪمرپٽو، جنهن ۾ خنجر يا تلوار ٻڌجي. گذريل دور ۾، جڏهن هر ماڻهو چيلهه ۾ تلوار ٻڌندو هو، ته اُن لاءِ بيٺ ٻڌڻ ضروري هئي. چيلهه ۾ تلوار ۽ ڪمرپٽي ۾ خنجر مياڻ سميت هڻي ڇڏيندا هئا. خاص طرح بيٺ ۾ ناڻي جي همياڻي به ٻڌندا هئا، پر اُها ڪمرپٽي جي اندران لڪائي هڻبي هئي. چوڻي آهي ته ”ڪاتي سون جي هجي ته بيٺ ۾ هڻبي، پيٽ ۾ ڪانه هڻبي“.


لفظ بيٺھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو