بچي

بُچِي: هيءُ رڍن جو نسل چولستان، بهاولپور، مظفرڳڙهه ۽ ملتان ۾ به ملي ٿو، اُتر سنڌ ۾ ٿوري انداز ۾ نظر ايندو آهي. وچولي قد بت وارو، رنگ جو اڇو، مٿو ۽ ڪنڌ ڀوري يا گهري ناسي رنگ جا ٿيندا اٿس، ٽنگون ڊگهيون ۽ ڪن ننڍا ٿيندا اٿس. ڪڏهن ڪڏهن ڪنن جي چوڌاري ڪارو ڇلو به ٿيندو اٿس. پڇ ڪجهه وڏو هوندو اٿس. هن نسل جا جانور سخت جان آهن. منجهن خوراڪ ۽ پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ کي برداشت ڪرڻ جي سگهه موجود آهي، سندن اڇي رنگ جي اُن ڊگهي، سڻڀي ۽ گهنڊيدار ٿيندي آهي. سراسري طور منجهانئن هڪ پَهرو ساليانو 2 ڪلو گرام ان ڏيندو آهي. نر جانور جو سراسري وزن 35 ڪلوگرام ۽ مادي جو وزن 30 ڪلو گرام ٿيندو آهي.


لفظ بچيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو