بڊوکو

بڊوکو: آبي گاهه جو هڪ قسم، جيڪو پاڻيءَ اندر ڦٽندو آهي ۽ ڀَلَ تي ٻاهر به نڪري ايندو آهي. ٻين گاهن سان گڏي چوپائي مال کي کارائبو آهي. هن گاهه کي مڇي کائيندي آهي. ”بڊوکي“ گاهه جي ڏانڊين ۾ ڄمونءَ جهڙا پن ٿيندا آهن، جيڪي ڳاڙهسري رنگ جا ٿين ٿا. هي ڪن گاهن جيان ٻيڙي هلائڻ وقت ونجهن ۾ ڦاسي پوندو آهي. درياءُ جو پاڻي گاهه جي مٿان لٽ ڇڏيندو آهي ته پوءِ گاهن جا پن لڙاٽجي ويندا آهن ۽ مڇيون انهن کي چمنديون آهن. پاڻيءَ جا گاهه پاڻيءَ اندر سُڪندا نه آهن، پر هميشه ساوا رهندا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو