بڙدي

بُڙدِي: بلوچن جو قبيلو، جنھن ۾ هيٺيان چوويھه پاڙا آهن: ’آرباڻي بُڙدي‘، ’بجاراڻي‘، ’باجڪاڻي‘، ’بکراڻي‘، ’بنگلاڻي‘، ’ڀنگوار‘، ’چيلاڻي‘، ’ڏاهاڻي‘، ’گجاڻي‘، ’گبول بڙدي‘، ’گولا‘، ’گاڏهي‘، ’گورشاڻي‘، ’جعفري‘، ’جيلاڻي‘، ’ڪنرائي‘، ’ڪٽوهڙ‘، ’لولائي بڙدي‘، ’مغيري بڙدي‘، ’مستوئي‘، ’ننداڻي‘، ’نوحاڻي بڙدي‘، ’تيغاڻي‘ ۽ ’عمراڻي‘. سبيءَ ۾ بڙدي قبيلي کي ٻن ڌڙن ۾ ورهائي، هڪ کي حاجي حمل خان ۽ ٻئي کي مير حاجي علي خان، جيڪي ٻه ڀائر هئا، تن جي سپرد ڪيو ويو هو، تڏهن بليدي قبيلي ۾ هڪڙا حاجيجا ۽ ٻيا ميرعالي ڪوٺجڻ ۾ آيا بعد ۾ حاجيجا پاڻ کي ”بليدي“ ۽ مير عاليءَ وارا پاڻ کي ”بڙدي“ سڏائڻ لڳا. بليدي قبيلا ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر ۾ سبيءَ کان لڏي، موجوده ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد ضلعي جي حدن ۾ اچي آباد ٿيا. بليدي وڏو قبيلو آهي، جنھن ۾ انگريزن طرفان ست وڏا سردار تسليم ڪيل هئا، جن مان سڀ کان وڌيڪ بليدين جا پاڙا بجاراڻي جي اثر هيٺ هئا. انھن پاڙن کي بڙدي سڏيو وڃي ٿو. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر ۾ ڪنڌڪوٽ جي علائقي کي بڙدي قبيلن جي اڪثريت سبب ’بڙديڪا جاگير‘ سڏيو ويو. جيڪا سنڌ جي پراڻن نقشن ۾ پڻ ڏيکاريل آهي. انگريز دؤر ۾ بڙديڪا جو انت آيو ۽ جيڪب آباد ضلعو قائم ٿي ويو. بڙدين جو چوڻ آهي ته هو ڍاڍر لڳ رندلي جي علائقن ۾ مقيم هئا ۽ صدين کان اُتي آباد هئا.


لفظ بڙديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو