بڪار

بَڪارَ: روهڙي سب ڊويزن جو اڳيون نالو. تعلقي روهڙيءَ ۾ هڪ ڳوٺ ۽ ديهه جو نالو. تحفة الڪرام موجب بکر تعلقي جي هڪ ديهه آهي، جنهن ۾ روهڙيءَ جي سيدن جا ڀائر رهندا هئا. هيءَ جوءِ، بکر جي علائقي سان لاڳو هئي، سيدن جو وڏو شاهه مردان شاهه هو، جيڪو وڏو زميندار هو، بڪار جي جاگير کيس مليل هئي. سندس اولاد مان مير علي شير ۽ سندس ڀائٽيو سيد لطف علي شاهه ٿيا، جيڪي پاڻ ۾ مخالف هئا، ۽ هميشه پيا پاڻ ۾ وڙهندا هئا. اِن تي سنڌيءَ ۾ چوڻيءَ طور ٻن وڙهندر ڀائرن کي چون: ”ڪهڙي ڪا بَڪار جي جاگير اٿوَ جو پيا وڙهو“ .


لفظ بڪارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو